سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون 4

سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون 4

سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون 4

سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد چوٿون: ڪتاب): هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ متعلق مضمونن ۽ مقالن تي مشتمل آهي، جيڪو خان محمد جروار مرتب ڪيو آهي. ڪتاب جي ابتدا ۾ ’ناشر نوٽ‘ اٿارٽيءَ جي چيئرپرسن ڊاڪٽر فهميده حسين لکيو آهي. ڪتاب تي ’ٻه اکر‘ مرتب جا لکيل آهن. ڪتاب ۾: (1) سنڌي ٻولي، (2) تعليمي ٻولي، (3) سنڌي ليٿوگراف، (4) رسم الخط ۽ اسلوب بيان، (5) سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ، (6) رسم الخط جي تاريخ، (7) سنڌي ٻوليءَ ۽ دراوڙي لفظ، (8) يوناني ۽ سنڌي ٻوليءَ جو سٻنڌ، (9) لساني وحدت جو نظريو، (10) سنڌيءَ تي عربي اثر، (11) سنڌي لکيت تي ٿيل تحقيق، (12) سنڌي ٻوليءَ جي علمي حيثيت ۽ سنڌو ماٿر جي قديم ٻولي- عنوانن وارا مضمون شامل آهن، جيڪي ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي، عثمان علي انصاري، غلام محمد گرامي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سراج الحق، پروفيسر واءِ. ايس. طاهر علي، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ليلي رچنداڻي، علامه ڪربلائي، ڊاڪٽر مدد علي قادري، هدايت پريم، ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ ۽ ڊاڪٽر حيدر سنڌيءَ لکيا آهن.
ڊيمي سائيز جي ڪچي جلد سان، 294 صفحن تي مشتمل، هن ڪتاب جي قيمت 200 روپيا آهي.
هي ڪتاب سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد 2009ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو